خيرپورناٿن شاهه 2

خيرپور ناٿن شاهه (شهر): هيءُ ضلعي دادو جو تعلقو ۽ سنڌ جو اهم تاريخي شهر ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هيءُ شهر 27 6 0 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 67 44 0 اتر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن شهر جي مجموعي آبادي 30286 آهي. هن جي اتر اوڀر ۾12 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ميهڙ، 41 ڪلو ميٽر ڏکڻ تي دادو جو شهر ۽ اتر اوڀر ۾ 70 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي لاڙڪاڻو اچي ٿو. 1931ع کان اڳ هن شهر جي حيثيت هڪ تپي جي هئي جيڪو ڪڪڙ تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هو. 1931ع ۾ جيئن دادو ضلعو ٿيو ته ڪڪڙ تپو ئي رهيو پر خيرپور ناٿن شاهه ترقي ڪندي، نيٺ تعلقي جي حيثيت ماڻي. هينئر خيرپورناٿن شاهه تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر ۽ ٽائون ڪميٽي آهي، جڏهن ته خيرپور، ڪڪڙ، سيتا، گوزو، ڳاڙهي وغيره هن تعلقي جا اهم شهر آهن. هتي ناٿن شاهه نالي بزرگ جي مزار آهي جنهن تي هر سال ميلو لڳي ٿو. سنڌ جا ڪافي قديم آثار هن تعلقي ۾ آهن جيئن: خانپور مسجد، شوِ مندر لڳ ٻوڙي، برهان جا قبا ۽ ڪلهوڙن جو اهم ترين قبرستان ’ميان نصير جو قبرستان‘ به هن تعلقي جي ڳوٺ ڳاڙهيءَ ۾ آهي. هتان جي ماڻهن ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان تحريڪ دوران شهر جي چوڪ تي ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيا. امير بخش جوڻيجو، ظفر لغاري هن علائقي جا مشهور سياستدان آهن. 2010ع جي مها ٻوڏ دوران هن شهر کي ٻوڏ جي پاڻيءَ ڪافي نقصان رسايو. جنهنڪري مقامي ماڻهن کي عارضي طور لڏپلاڻ به ڪرڻي پئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو